سومرو، افتخار احمد

سومرو، افتخار احمد

افتخار احمد سومرو

افتخار احمد سومرو : افتخار احمد ولد حاجي مولابخش سومرو، 29 آگسٽ 1946ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گرامر اسڪول ڪراچي ۽ اعلى تعليم آمريڪا مان حاصل ڪئي. هي بنيادي طور تي هڪ صنعتڪار آهي، صنعت سان گڏ سياست سان به لاڳاپيل رهيو آهي. افتخار احمد صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. هن سياست سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به حصو ورتو آهي، شڪارپور ۾ حاجي مولابخش ڪارڊيو اسپتال، حاجي مولابخش لا ڪاليج، حاجي مولابخش سائنس ۽ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ، ڪهڪشان سٽي اسڪول ۽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوٽ جو قيام سندس سماجي خدمتن جا مثال آهن. افتخار احمد سومرو شڪارپور واسين لاءِ هڪ جديد اکين جي اسپتال جي منصوبي تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. شڪارپور جا ڪيترا ذهين شاگرد سندس تعاون سان اعلى تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. افتخار سومرو سماجي خدمتن ۽ شرافت سبب شڪارپور جي سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو. هن وقت سياسي حوالي سان ’تحريڪ انصاف‘ سان وابسته آهي ۽ ان جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي.


لفظ افتخار احمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.08.29  عيسوي

افتخار احمد ولد حاجي مولابخش سومرو، 29 آگسٽ 1946ع تي شڪارپور ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج-5
ڌياڻو مخدوم عربي
پير ڪرهيو ڀانڊاري
عبدالنبي خان ڪلهوڙو
شيخ عبدالوهاب
عثمان هاروني خواجه
جعفري، علي مظهر
روي شنڪر پنڊت
امام بخش امام زرداري
آسو ٻائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون